ڪراچي: نصرت سحر عباسي جو ڊائو ميڊيڪل جي شاگردن سان ٻڌي جو اظهار

ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي جي شاگردن پاران هاسٽلن تي قبضي خلاف جاري بک هڙتال ٽئين ڏينهن ۾ داخل ٿي وئي ، ان موقعي تي سياسي ،سماجي ڌرين توڙي شاگرد اڳواڻن پاران سندن ڪئمپ تي پهچي پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ، سنڌ اسيمبلي ۾ ايم پي اي نصرت سحر عباسي به متاثر  شاگردن سان همدردي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب پهتي ۽ کين پنهنجي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو ، ان موقعي تي هن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي شاگردن جومسئلو حل ڪري انهن کي پريشاني کان بچايو وڃي

نصرت سحر عباسي جوچوڻ هو ته خدانخواستا جيڪڏهن شاگردن کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي ذميوار سنڌ سرڪار ئي هوندي ، ٻئي پاسي ينگ ڊاڪٽرز ايسوسي ايشن سنڌ جي صدر وارث علي ، لياري عوامي محاذ جي اڳواڻ خالق زردان ۽ سرمن بروهي  به شاگردن سان ٻڌي جو اظهار ڪندي کين پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائي

ان موقعي تي شاگرد عبدالڪريم سوهو ۽ شهزاد بلوچ چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين سندن مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين سندن بک هڙتال جاري رهندي

ٽن ڏينهن کان جاري بک هڙتال سبب شاگردن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ، ٻن شاگردن کي نهايت ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ ڪري سول اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.