بدين :گولاڙچي جو سينئر صحافي محمد حنيف زئي ڪورونا وائرس سبب لاڏاڻو ڪري ويو

بدين ضلعي سان تعلق رکندڙ تعلقي گولاڙچي جو رهواسي ۽ پريس ڪلب گولاڙچي جو ڪيترا ئي ڀيرا صدر رھندڙ سينئر صحافي محمد حنيف زئي ڪرونا وائرس ۾مبتلا هئڻ کانپوءِ ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ،  محمد حنيف زئي کي ڪجھ وقت اڳ بخار جي شڪايت رھي ،پندرھن ڏينھن تائين سندس علاج جاري رکيو ويو پر سندس طعبيت ۾ بھتري نه اچڻ تي کيس آڪسيجن تان ھٽائي وينٽيليٽر تي رکيو ويو پر ان باوجود به  حنيف زئي جي طعبيت بھتر نه ٿي سگھي  ۽ رات دير سان سندس ساھ جو سڳو ٽٽي پيو ، سندس مڙهه ڪراچي کان ايمبولينس ذريعي گولاڙچي پھچايو ويو جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي، حنيف زئي جي اچانڪ لاڏاڻي تي بدين ۽ ٿرپارڪر جي صحافين ۾ ڏک جي لھر ڇائجي وئي کيس سوين آلين اکين سان مٽيء  ماءُ حوالي ڪيو ويو ٻئي طرف حنيف زئي جي لاڏاڻي تي پيپلز پارٽي چئرمين بلاول زرداري ڀٽو  ، عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ . عوامي آواز جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر اقبال ملاح ڏک جو اظھار ڪندي پوئيرن سان تعزيت ڪئي آھي، ٻئي طرف حنيف زئي جي جنازي نماز ۾ ايم پي بدين حاجي تاج محمد ملاح ۽ٻين شرڪت ڪئي.

رپورٽ- رازقڏنوکوسو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.