ٻن ڀيڻن سان اجتماعي لڄالٽ ڪندڙ جوابدار گرفتار

 

جهلم (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي جهلم جي علائقي پنڊ داد خان ۾ ٻن ڀيڻن سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

جوابدارن ٿاڻي جلالپور جي علائقي پننوال ۾ رهندڙ ٻن ڀيڻن کي اغوا کانپوءِ زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ کين منڊي بهاوالدين روڊ تي ڇڏي ڏنو هو.

پوليس اختيارين موجب ڇوڪرين جي حالت خراب ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس اتي پهچي متاثر ڇوڪرين کان شروعاتي بيان وٺي کين دارالامان پهچايو، جڏهن ته دارالامان انتظاميا وارثن جو پتو لڳائي نارين کي انهن حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ هو ته متاثر نارين جي گهر ڀاتين جي فرياد تي ٿاڻي جلالپور شريف ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس ۾ جن جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، انهن ۾ متاثر ڇوڪرين جو ماروٽ به شامل هو، جنهن کي گرفتار ڪري سندس نشاندهي تي پوليس وڌيڪ ٻن جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ٽنهي جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي جيل موڪليو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.