ڊکڻ ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ، تشدد، متاثرن جو ڌرڻو

ڊکڻ (رپورٽ: آفتاب لاشاري) ڊکڻ لڳ ڳوٺ مومل جي وانڍ تي 6 موبائلن ۾ سوار رتوديرو پوليس جي وڏن اٽالن فجر مهل چڙهائي ڪئي،جتي رتوديرو پوليس گهرن ۾ گهڙي پئي ۽ گهر گهر تلاشي ورتي،جنهن  دوران عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا،جتان ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي ، هوڏانهن رتوديرو پوليس جي چڙهائي   خلاف ڳوٺ مومل جي وانڍ جي رند برادري  جي ڳوٺاڻن عورتن سميت پاڪ ڪتاب مٿي تي کڻي مور رند،ممتاز رند،مرادان خاتون،جنت خاتون،حليمان خاتون،جانل خاتون،تبصرا خاتون،حميد ۽ عبدالرحيم  رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڊکڻ آڏو ڌرڻو هنيو، پوليس خلاف سخت نعري بازي، مظاهرين دانهيندي چيو ته   رتوديرو پوليس اسانجي جي ڳوٺ تي  بنا جواز چڙهائي ڪري گهر گهر تلاشي ڪري گهرن ۾ پيل سامان جي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ سان گڏوگڏ  سونا زيور،موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم کڻي وئي آهي، هنن چيو ته پوليس مخالفن جي ونگاري وهي زيادتيون ڪري رهي آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي،.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.