وڏا ماڇيون ۾ عورت تي مڙس ۽ ڏيرن جو تشدد،مڙس گرفتار

پيرجوڳوٺ ( ن ع آ ) پيرجوڳوٺ لڳ وڏاماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ جھلوجي ۾ نوجوان عورت صفيه زال فرمان علي شيخ ميڊيا آڏو  دانھيندي چيو آھي ته مڙس فرمان شيخ مون کي چپل صاف ڪرڻ لاءِ چيو جيڪا مون ڪري ڏني ۽ ٻيھر هن چپل صاف ڪرڻ لاءِ چيو جنهن تي دير ٿيڻ بعد هن مون مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو ۽ بعد ۾ منهنجي ڏيرن مرتضيٰ ۽ وڪيل شيخ منهنجي مڙس سان گڏجي مون کي گهر جي اڱڻ ۾ وارن کان گهليندا رھيا، جنهن سبب وارن جو چڳون پٽجي ويون بعد ۾ هنن تشدد ڪندي گهر جي ڪمري۾ وٺي ٻانھن تي ڇرين جا جھير ڏئي چيو ته توکي قتل ڪري گهر جي اڱڻ ۾ ئي پوري ڇڏينداسين، منهنجي رڙين تي پاڙيوارن پھچي مون کي ڇڏايو ۽ بعد ۾ مون اهڙو اطلاع وڏاماڇيون ٿاڻي تي ڏنو ٻئي طرف اطلاع بعد ايس ايڇ او اقبال احمد نون پوليس نفري ساڻ ڪري ڳوٺ جھلوجي پھچي منهنجي مڙس فرمان شيخ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته منهنجا ڏير گهر ڇڏي فرار ٿي ويا، هوڏانهن وڏاماڇيون ٿاڻي جي پوليس تذليل جو نشانو بڻيل عورت صفيه شيخ جي فرياد تي گناھ نمبر 25/2020 تحت عورت جي مڙس فرمان علي شيخ ۽ سندس ڏيرن وڪيل شيخ ۽ مرتضي شيخ مٿان وڏاماڇيون ٿاڻي تي اهڙو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، متاثر عورت اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته مون مٿان تشدد ڪندڙ مڙس ۽ ڏيرن خلاف ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.  رابطو ڪرڻ تي وڏاماڇيون پوليس ٻڌايو آھي ته گرفتار ٿيل جوابدار کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.