ڪراچي ۾ اهلسنت والجماعت پاران” عظمت صحابه اهل بيت “ريلي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ اهل سنت  جماعت جي تحت  عظمت صحابه ۽ اهل بيت جي سلسلي ۾ مزار قائد کان تبت سينٽر تائين  ريلي منعقد ڪئي وئي.  ريلي ۾ عالمن ۽ ماڻهن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي ، جن تبت سينٽر تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪيو.تنظيم المدارس پاڪستان جي مرڪزي صدر مفتي منيب الرحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان ناموس مصطفيٰ  صلي الله عليه وآله وسلم۽ معزز صحابه رضه ۽ معزز اهلبيت جي ڳالهه ڪندا آهيون اهو اسان جو ديني حق آهي. مفتي منيب الرحمان چيو ته اسان پرامن آهيون ۽ رهنداسين ، اسان غير ذميواري سان نه ڳالهائي رهيا آهيون ، اسان کان وڌيڪ محب وطن ۽  پرامن سلامتي جو ڪوبه وڏو دعويدار ناهي. سندس چوڻ هو ته مسلمانن جي احساسن کي اذيت پهچائڻ هن ڪائنات جي سڀ کان وڏي دهشتگردي آهي . ، ڇا وزيراعظم عمران خان طرفان قوم سان جيڪو واعدو ڪيو ويو آهي ،ان کي ڪري ڏيکاري، نه ته  توهان  جي ڪنهن ڳالهه جو ڪهڙو اعتبار ؟ ريلي کي مفتي منيب الرحمان ، ثروت اعجاز قادري ، بلال سليم قادري ، شاهه عبدالحق قادري ، حاجي حنيف طيب ، علامه ڪوڪب نوراني اوڪاڙوي ۽ ٻين عالمن پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ريلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.