خورشيد شاهه کي بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي:مولانا عبدالغفور حيدري

سکر (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته  خورشيد احمد شاهه ملڪ جو ناليوارو سياستدان آهي، کيس  بيگناهه گرفتار ڪيو ويو آهي، قومي ليڊرن کي گرفتار ڪري اصل مقصد کان ھٽائي رھي آھي، نيب کي جي يو آئي ڪڏھن به تسليم ناھي ڪيو ،سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ، موجودہ حڪومت سليڪٽيڊ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن   سکر  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،  مولانا عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو ته سنڌ جي سفر جو مقصد تعلقي پنوعاقل جي علائقي ھاليجوي شريف ۾ ٿيل افسوس ناڪ واقعي تي تعزيت ڪرڻ ھيو، 11 ماڻھن جو ڪھي قتل افسوسناڪ عمل آهي ،مولانا عبدالغفور حيدري جو چوڻ هو ته جي يو آئي ملڪ ۾ 15ملين مارچ ڪيا ۽ آزادي مارچ ڪيو ، اسان موجوده حڪومت خلاف احتجاج ڪيو  پوري ملڪ۾ ڪورونا متاثرن جي مدد ڪئي، هن چيو ته موجوده حڪومت اچڻ کان اڳ وڏا واعدا ڪيا ،حڪومت جي گذريل بجيٽ ۾ جي ڊي پي گروٿ زيرو تي پھتي، ڪوڙ تي ٻڌل حڪومت گھڻو وقت نه ھلي سگھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.