عمر ڪوٽ : پي ٽي آءِ ليبرونگ طرفان ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

عمر ڪوٽ ۾ پي ٽي آء ليبرونگ  طرفان ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ تي ضلعي انتظاميه خلاف احتجاج ڪندي  الله والا چوڪ تي ٽائرن کي باه ڏئي ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي تي ريجنل نائب صدر عبدالڪريم منڱريو، ضلعي صدر فقير علي نواز رند، ۽ ٻين جو  چوڻ هو ته ڊي سي عمرڪوٽ سياسي وڏيرن جو ڪمدار بڻيل آهي،  غريب ماڻهن سان امداد ۾ ٻه اکيائي ڪري رهيو آهي ، ٻوڏ متاثر بُکن تي راتيون ڪٽڻ تي مجبور آهن ، هتي رڳو  پنهنجا نوازي هلي رهي آهي

ان موقعي تي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڊي سي عمرڪوٽ ٻوڏ متاثرن کي رليف نه ڏنو ته سومر جي ڏينهن  پوري ضلعي ۾ شٽربند هڙتال ڪرائينداسين، احتجاج ۾ پي ٽي آء اڳواڻ ڪرشن لال درزي، مير محمد گجو، دائود راهمون، سماجي اڳواڻ سيباڻو راڄڙ، سجاد منڱريو سميت ڪيترن ئي اڳواڻن ڪارڪنن، متاثرن شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.