سنڌ حڪومت جو بي ايڊ لاءِ عمر جي حد ختم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت طرفان تدريس جي پيشي ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي لاءِ ٽيچنگ ڪورس بي ايڊ لاءِ عمر جي حد ختم ڪرڻ جو اهم فيصلو ڪيو ويو آهي.

تعليم جي تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ ڊگهي عرصي کان سنڌ ٽيچرز ڊويلپمنٽ اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميمبرن طرفان ٽيچنگ ڪورس بي ايڊ لاءِ عمر جي حد ۾ واڌ جي تجويز سامهون آئي.

ان معاملي تي شرڪت ڪندڙن مختلف رايا ڏنا پر تعليم واري وزير سعيد غني چيو ته علم کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ عمر جي پابندي نه هئڻ گهرجي، علم کي عمر جي پابندي سان محدود ڪرڻ درست ناهي.

شرڪت ڪندڙن جي ڳالهين کان پوءِ اجلاس ۾ بي ايڊ ڪرڻ لاءِ عمر جي حد ختم ڪرڻ جو اهم فيصلو ڪيو ويو جنهن تي تعليم واري وزير چيو ته ان حوالي سان جلد قانون سازي به ڪئي ويندي.

شهزاد راءِ:

هوڏانهن ناليواري سماجي اڳواڻ ۽ فنڪار شهزاد راءِ سنڌ حڪومت جي فيصلي کي ساراهيو ۽ خوش ڏيندڙ قرار ڏنو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.