مقصودي رند ۾ جمعيت طلباءِ اسلام جو اجلاس، محمد يعقوب بلوچ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو

مقصودو رند  (ن ع آ) جمعيت طلباءِ اسلام جو اجلاس، محمد يعقوب بلوچ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو  جمعيت طلباءِ اسلام پاران تنظين جي جنرل سيڪريٽري جي چونڊ لاءِ شھدادپور ۾ ضلعي صدر مولانا عبدالحفيظ سنڌي جي سربراهي ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو. جتي نائب صدر بلال احمد نوناري، محمد افضل ميمڻ، ضلعي سالار شھمير خان رند شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جي.ٽي.آئي ڪارڪنن پاران سخت مقابلي بعد محمد يعقوب بلوچ کي جمعيت طلباءِ اسلام جو جنرل سيڪريٽري چونڊي ڇڏيو. محمد يعقوب بلوچ جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کان پوءِ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن گلن جا هار پارائي کيس مبارڪباد ڏني.

حاجي خان مهر يوسي کنڀڙا جي مختلف ڳوٺن ۾ رٿائن جو افتتاح ڪيو

اوٻاوڙو (ن ع آ ) اوٻاوڙو ضلع چيئرمين حاجي خان مھر جو مختلف يوسين رونتي کنڀڙا ۾اسڪيمن روڊ رستا پاڻي آر او پلانٽ جو افتتاح عوام پاران گلن جي ورکا مهر گروپ زنده آباد جا نعرا ضلعي چيئرمين سردار حاجي خان مھر مهر گروپ اڳواڻ سيد اصغر شاه جي رهائش گاه تي پهتو جتي هڪ ڪارنر گڏجاڻي ٿي جنهن ۾مهر گروپ جي اهم اڳواڻن سيٺ محمد اقبال ملڪ مولا بخش پنهور رائيس عبدالرحمان چاچڙ ۽ٻين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي چيئرمين سردار حاجي خان مھر چيو ته اسان ضلعي گهوٽڪي اندر ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇائي ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت جي مخالفت باوجود اسان گهوٽڪي جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي آهي اسان تي الله پاڪ جي مهرباني آهي جو اسان کي عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي رونتي ۾تمام پاڻي کارو هيو هاڻي هتان جي عوام صاف پاڻي پئندي جيڪا اسان لاء خوشي ٿيندي جنهن کان پوءِ ضلعي چيئرمين کنڀڙا يوسي پھتو جتي پاڻي جو آر او پلانٽ جو ڪم هلندڙ هيو جتي هو افتتاح نه ڪري سگهيو.

سوسائٽي سب ڊويزن سيپڪو جي چونڊ، خليل ڊومڪي چيئرمين مقرر

سکر(رپورٽر  ) سوسائٽي سب ڊويزن سيپڪو سکر جون چونڊون آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب چيئرمين حاجي خليل الرحمان ڊومڪي، وائس چیئرمین غلام سرور مهر، جنرل سيڪريٽري امجد علي کوسو، جوائنٽ سيڪريٽري مقصود احمد نوناري چونڊجي ويا. ان سلسلي ۾ ڪامياب ٿيندڙ پينل جي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هر ٻئي سال ٿيندڙ اليڪشن ۾ ﷲ پاڪ بنا مقابلي ڪاميابي ڏني آهي جنهن تي رب پاڪ جا شڪر گذار آهيون هنن جو وڌيڪ چوڻ هو  ته اسان پنهنجي پينل جي دوستن کي اليڪشن لاءِ مختلف عهدن تي بيهاريو هو اسان جو پينل مظبوط ۽ عوامي خدمت ۾ اڳڀرو هجڻ سبب مخالف ڌر پاران ڪو پينل نه اچڻ سبب اليڪشن ڪميشن اسان جي پينل آل پاڪستان هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو آهي وڌيڪ هنن جو چوڻ هو ته اليڪشن جي ڪاميابي کان پوءِ اسان پنهنجي اداري ۽قوم جي خدمت ڪرڻ لاءِ محنت ڪري پنهنجي ملڪ سان محبت جو ثبوت ڏينداسين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.