حڪومت پنهنجين ذميوارين جو احساس ڪري

پرهه سومرو

واقعا،جن جي ٿيڻ جو خدشو ۽ انهن جي ڪارڻ جو پتو اڳ ئي هجي ته پوءِ ڇو انهن کي ِ اڳواٽ قدم کڻڻ بجاءِ ڇڏي ڏجي؟

اسان روز بروز جن واقعن ۽ نقصانن بابت ٻڌون ٿا اهي هرگز نوان نه آھن پر اهي ته سلسليوار پنهنجي چرخي ۾ گُهمي ڦِري وري پيش اچن ٿا انهن ۾ مثبت ڦيرو ته نه اٽلندوبگاڙ ضرور اچي ٿو۔

هاڻي پوئين سال مُون سُون جي مينهوڳيءَ جو ئي مثال وٺون ملڪ سميت سنڌ ۾ ڪيترو نه جاني ۽ مالي نقصان ٿيو جنهن جو ڪو  تدارڪ به نه ٿيو،ڪيترا ئي بحث ڪيا ويا،ٽيبل ٽاڪ ٿيا وقت بوقت لکڻ جو سلسلو به جاري رهيو پر حالتن ۾ ڪو به ڦيرو نه آيو۔

موسمي تبديلي ۽ اهڙي صورتحال ۾ انتظاميا پاران ضروري اُپاءَ نه وٺڻ سان معاشي نقصان ته پنهنجي جڳھ تي ٿئي ئي ٿو پر ڇا ادارن جي اوڳاڙي انساني زندگين کان وڌيڪ اهميت جوڳي ۽ ملڪ لاءِ فائدِيمند آھي؟

اهي سمورا سوال ۽ ان سان لاڳاپيل ڪيترا ئي سوال روز عوام جي ذھنن ۾ اڀرن ٿا جن جا جواب وٺڻ لاءِ عوام آواز ته اٿاري ٿو پر کيس جواب ۾ ڪجھه نٿو ملي۔

سنڌ جي ڳالھه ڪجي ته سڄي سنڌ خطرناڪ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ سان گڏ وبائي دور ۾ ايس۔او۔پيز تي عمل ڪندي گهرن تائين محدود ٿي وئي،معاشي اڻاٺ ڪري حڪومت پاران روزمرھ جي واپرائيندڙ شين جي قيمتن ۾ ٻيڻي واڌ اچي وئي آهي،جنهن جي بار هيٺان سِڌو سَنئون هيٺيون غريب طبقو دَٻجي چيباٽجي ويو آھي،جنهن جي نتيجي ۾ آئي ڏينهن خودڪشي جهڙآ انتهائي خطرناڪ ۽ ذھنن کي مفلوج ڪرڻ جهڙا واقعا اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي هيڊلائين جي زينت بڻيل آھن۔

هڪ پاسي هي سمورا معاملا ٻئي پاسي بجلي ۽ پاڻي جو شديد بحران عوام جي خوشحالي تي ڳري لَتَ آھي جيڪا سندس ساھ ۾ رڪاوٽ جو سبب ۽نفسياتي دٻاءُ پڻ بڻيل آھي۔

ملڪي ترقيءَ ۾ اهم رڪاوٽ جو سبب توانائي جو وڌندڙ بحران به آھي،هلندڙ وقت ۾ بجلي جي اهميت تمام گهڻي آھي،اڄ جي انسان جي طرزِ زندگي ۽ وابستگي به سِڌي يا اڻ سِڌيءَ طرح بجليءَ سان واڳيل آھي،اسين سنڌ جي ڳالھه ڪيون توڙي پاڪستان جي يا وري سڄي دنيا جي، مجموعي طور گذر سفر ۽ زندگي جو هر شعبو مشيني اوزارن ۽ برقي شين تي انحصار ڪرڻ لڳو آھي،ساڳئي نموني پاڻ وٽ به روزگار جي وابستگي به بجلي سان هلندڙ شين تي آھي،جيڪڏهن بجلي ئي نه هجي ته زندگي جو چرخو چُري نه سگهندو.

ڪراچي سنڌ جو وڏو شھر ۽ ملڪي معيشت جو چرخو هلائيندڙحب جي حيثيت رکندڙ شھر آھي،بدقسمتيءَ سان ڳچ وقت کان هن شھر سان بدکان بدتر سلوڪ ڪيو ويوآھي،شھر جي وڏن اداران سان لاڳاپيل ڌريون ملڪ کان ٻاهر رهي هن ملڪ جي صوبن ۽ شھرن جا اُبتا سُبتا پاڻ مرادو فيصلاصادرڪن ٿيون، جنهن سان شھر ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن سان لڳاتار ٻيائيءَ وارو سلوڪ روان آھي۔

ڪي اليڪٽرڪ ۽ اداري جي مالڪن کي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڀري عدالت ۾ جيڪو اهم فيصلو ٻڌايو آھي اهو عمل يقينن ساراھ جوڳو آھي،جنهن سان ڪنهن حد تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ،ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۽ انساني جانيون ضايع ٿيڻ جهڙن واقعن ۾ گهٽتائي ٿي سگهندي۔

اسين فقط اهو ٿا چئون ته صوبن جي خودمختاري اتان جي عام شھرين کي ڏني وڃي جنهن جي بُري ڀلي جو ذميوار ۽ انهن بابت پڇا ڳاڇا به مقرر ماڻھن کان ڪئي وڃي ۽ صوبائي حڪومت پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندي باضابطا طور پنهنجا اختيار هلائي ۽ عوام کان ووٽ وٺڻ جو پورو پورو حق ادا ڪن جيڪڏهن ايئن نٿو ٿئي ته پوءِ هن سموري بگاڙ جي ذميوار به حڪومت پاڻ کي ئي سمجھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.