ڀارت چين جي وڌيڪ 47 ايپس تي پابندي لڳائي ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت گذريل مهيني 59 چيني ايپليڪيشنز کي بند ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ 47 چيني اپيليڪيشنز تي پابندي مڙهي ڇڏي.

چين جي هٿان ڀارتي فوج جي ناڪامي کان پوءِ مودي حڪومت جن وڌيڪ 47 ايپليڪيشنز تي پابندي لڳائي آهي انهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اهي اڳ ۾ بند ڪيل ايپليڪيشنز جون ڪلون ايپليڪيشنز آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پابندي کي منهن ڏيندڙ انهن نئين ايپليڪيشنز جي فهرست جو اعلان اڃا ٿيڻو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي حڪومت وڌيڪ 250 ايپليڪيشنز جي فهرست تيار ڪئي آهي جن جو واهپيدارن جي پرائيويسي يا قومي سلامتي جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان معائنو ڪيو پيو وڃي.

چيو پيو وڃي ته دنيا جي مشهور گيم پب جي به ان نئين پابندي کي منهن ڏيندڙ اپيليڪيشنز ۾ شامل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.