ڪراچي ۾ عيد تي سمورا تفريحي ماڳ بند رهندا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سمورا تفريحي ماڳ بند رهندا.

ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شلواڻي ڪورونا وائرس جي حوالي سان نئون حڪم نامو جاري ڪيو آهي، جنهن موجب پارڪس ۽ سي ويو سميت سمورا تفريحي ماڳ 4 آگسٽ تائين بند رهندا، ان سان گڏوگڏ سوئنگ پولز، گرائونڊز، انڊور جم تي به 4 آگسٽ تائين پابندي هوندي.

ڪمشنر چيو آهي ته گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب پابندي لاڳو ٿيندي ۽ سمورا ڊپٽي ڪمشنر ايس او پيز تي عمل يقيني بڻائن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.