پ پ اڳواڻ طرفان فوتي صحافي علي محمد شاهه لڪياري جي پونئيرن جي مالي سهائتا

عوامي آواز رپورٽ
پ پ اڳواڻ طرفان فوتي صحافي علي محمد شاهه لڪياري جي پونئيرن جي مالي سهائتا
عوامي آواز رپورٽپ پ اڳواڻ طرفان فوتي صحافي علي محمد شاهه لڪياري جي پونئيرن جي مالي سهائتا

نوابشاهه  پ پ اڳواڻ طرفان فوتي صحافي سيد علي محمد شاهه لڪياري جي پوئينرن جي مالي سهائتا ڪئي وئي.

پ پ ضلعي شهيد بينظير آباد جي اڳواڻ مينهان خان رند نوابشاهه پريس ڪلب پهچي فوت ٿيل سينئر صحافي سيد علي محمد شاهه لڪياري جي اولاد جي تعليم ۽ خرچ لاءِ اعلانيل سالياني 3 لکن واري رقم مان پهرين قسط ۾ 90 هزار نوابشاهه پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار علي خاصخيلي ۽ فوتي صحافي جي پٽ سيد آڪاش جي حوالي ڪيا، جيڪي فوتي جي بيواهه کي ڏنا ويا.

پ پ اڳواڻ مينهان خان رند چيو ته سيد علي محمد شاهه لڪياري گهڻ پاسائي شخصيت هو، سندس وڇوڙي تي ڏک پهتو اهي، سندس پونئيرن جي ڀرپور مالي سهائتا ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.