سيد مراد علي شاهه جو وفاق لاءِ ٽيڪس نه اوڳاڙڻ جو اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته هاڻ وفاق لاءِ ٽيڪس نه اوڳاڙينداسين.

سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ماڪڙ رڳو هارين جو مسئلو ناهي، اهو فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو آهي، ان باوجود وفاقي حڪومت ان کي سنجيده نه ٿي وٺي، ڪورونا وانگر ماڪڙ سان مقابلي جي بيان کانپوءِ ماڪڙ ۾ خوشي جي لهر آهي.

هن چيو ته عوام تي پيٽرول بم به ڪيرايو ويو، اهو ظلم آهي، پيٽروليم ليوي غير آئيني آهي، وفاقي سرڪار عوام کي صفا دفن ڪرڻ چاهي ٿي ڇا؟ عوام حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي، هاڻ ان کي وڌيڪ برداشت نه ڪندو.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪندي چيو ته هاڻ سنڌ سرڪار وفاق لاءِ ٽيڪس گڏ نه ڪندي، ان حوالي سان ايڪسائيز واري وزير کي هدايت ڪئي آهي ته هو وفاقي حڪومت کي آگاهه ڪري.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي بابت سيد مراد علي شاهه چيو ته اهو واقعو ملڪي سلامتي ۽ معيشت تي حملي برابر آهي، واقعي جي مڪمل تفصيلي انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.