ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، سڀاڻي عيدالفطر ملهائي ويندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، جنهن کانپوءِ هاڻ عيدالفطر 24 مئي تي ملهائي ويندي.

مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ مفتي منيب الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن کانپوءِ مفتي منيب الرحمان اعلان ڪيو ته عيد 24 مئي آچر ڏينهن ٿيندي.

اجلاس ۾ موسميات کاتي جا ماهر به شريڪ ٿيا، ان سان گڏوگڏ ٻين صوبن ۾ به چنڊ ڏسڻ لاءِ زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيا، جتان شهادتون مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي کي موڪليون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.