انساني بنيادن تحت امداد تي ايران جا ٿورائتا آهيون: وينزويلا

ڪراڪس (ويب ڊيسڪ) وينزويلا انساني بنيادن تي رواني ڪئي ويندڙ امداد تي ايران جا ٿورا مڃيا آهن.

واضح رهي ته 5 ايراني ٽئنڪر لڳ ڀڳ ساڍا 45 ملين ڊالر (42 ملين يورو) جو تيل کڻي وينزويلا ڏانهن روان دوان آهن.

وينزويلا جي بچاءَ واري وزير ولادي مير پادرينو چيو آهي ته خاص اقتصادي علائقي ۾ داخل ٿيندي ئي ملڪي فوج جا هوائي ۽ سامونڊي جهاز ايراني ٽئنڪرن جي حفاظت ڪندا.

ايران جا جهاز مئي جي آخر يا جون جي شروعات ۾ لاطيني آمريڪي ملڪ وينزويلا پهچندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.