لعلورائنڪ: يوسي چيئرمين حقدارن ۾ راشن ورهايو

عوامي آواز رپورٽ
لعلورائنڪ: يوسي چيئرمين حقدارن ۾ راشن ورهايو
عوامي آواز رپورٽ لعلورائنڪ: يوسي چيئرمين حقدارن ۾ راشن ورهايو

لعلورائنڪ ۾ يوسي چيئرمين پاران  حقدار ماڻهن ۾ راشن ورهايو ويو

لعلورائنڪ يوسي چيئرمين امير علي مغيري 57 حقدار خاندانن کي راشن جا ڪٽا ڏنا جنهن ۾ ٽائون چيئرمين وارهه نجم الدين ابڙو ۽ پ پ پ اڳواڻ لالا عبدالله پيچوهو پڻ موجود هئا

ان موقعي تي يو سي چيئرمين امير علي مغيري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  مٿان کان اسان کي لعلورائنڪ يوسي لاءِ صرف 25 ڪٽا مليا جڏهن ته مان ڪجهه پنهجي هڙان ۽ ڪجهه لالا عبد الله پيچوهو کان وٺي  ماڻهن ۾ راشن جا 57 ڪٽا ورهايا آهن

هن چيو ته ماڻهن جي شڪايت جائز آهي ته راشن نه پيو ڏنو وڃي ڇو جو هتي غربت جو ريشو تمام گهڻو آهي ۽ راشن تمام ٿورن ماڻهن کي ملي سگھيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.