شاهد خاقان عباسي نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي قومي احتساب بيورو (نيب) کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي منيجنگ ڊائريڪٽر جي مبينا غير قانوني مقرري ڪيس ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته سب اسٽيڪ هولڊرز کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ملڪ ڪيئن هلندو.

شاهد خاقان عباسي نيب کي وفاقي جاچ ايجنسي يا ڪنهن ٻئي اداري ۾ ضم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته نيب جي هوندي ملڪ نٿو هلي سگهي، نيب ۾ ڪيس 15-15 سال هلندا آهن، منهنجو ڪرپشن جو ڪيس ناهي، هڪ طريقيڪار وارو ڪيس آهي.

سندس چوڻ هو ته نيب ٻهارا هڻي يا ڇا ڪري، ڪيمرا جي آڏو نيب اچي ۽ اسان کان پڇيو وڃي، ٽرائل  دورنا ڪيمرا لڳڻ گهرجن جيئن عوام کي خبر پئي ته ڇا ٿي رهيو آهي، هي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو چيلينج آهي.

اڳوڻي وزير اعظم جو چوڻ هو ته اليڪشن کان پهرين فيصلو ڪيو وڃي ته گورننس جو نظام ڇا هوندو، فري ۽ فيئر اليڪشن تائين سياسي نظام نه هلندو.

کنڊ جاچ ڪميشن جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته کنڊ ڪميشن جي حوالي سان جن کي گهرايو ويو آهي اُهي پيش ٿيندا پر کنڊ ڪميشن سان سنڌ حڪومت جو ڪو به تعلق ناهي، ڪميشن گهرائي ته پيش ٿيڻ گهرجي، سڀ کان وڌيڪ اهم اِهو آهي ته وزير اعظم پاڻ ڪميشن جي آڏو پيش ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.