باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيو، سماجي وٿي رکي ٽائون ڪاميٽي آفيس اڏو احتجاجي مظاهرو

باڊهه ( رپورٽ: نظام ڪولاچي  )  باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارائڻ لاءِ باڊهه تعلقي موومينٽ پاران 44 هين هفتي تي به اڳواڻن زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنهن ۾ باڊهه جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪامريڊ عزيز بروهي، اصغر نوناري، شمس پنهور، منور نوناري، آغا نور محمد بليدي، اقبال ڪانڌڙو ۽ ٻين شهرين ڪورونا وائرس واري وبا سبب ايس او پي تي عمل ڪندي سماجي وٿي قائم رکي، ٽائون ڪاميٽي باڊهه آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جو پرزور مطالبو ڪندي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال جولاءِ  مهيني کان وٺي مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون ۽ پ پ قيادت تائين آواز پهچايو آهي پر هو چئي رهيا آهن ته باڊهه تعلقو نه ٺهندو، جڏهن ته گذريل ڪيترن سالن کان اليڪشن مهمن دوران هو اسان کي ڪوڙا ڏٽا ۽ دلاسا ڏيندا آيا آهن ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏياريو ويندو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته مختلف طريقن سان ڌمڪائي ۽ ڊيڄاري هاڻي تڪ جو ايم پي اي ۽ مقامي پ پ اڳواڻ احتجاج تان هٿ کڻڻ لاءِ چئي رهيا آهن ايندڙ اليڪشن ۾ باڊهه کي ميونسپل ڪاميٽي جو درجو ڏياريو ويندو. اڳواڻن چيو ته اسان ڪنهن به ڌمڪي يا لالچ ۾ اچڻ وارا نه آهيون ۽ حڪمرانن جي ڪوڙن واعدن کي سمجهي چڪا آهيون ۽ هاڻي باڊهه جي تعلقي واري نوٽيفيڪشن کانسواءِ ڪنهن به ڳالهه تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. هنن چيو ته جيسيتائين باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿو ڪيو وڃي تيسيتائين باڊهه تعلقه موومينٽ جي پليٽ فارم تان احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.