ڪورونا: مليريا جي دوا سان علاج جي مشروط منظوري

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) ڪورونا وائرس جي مريضن کي مليريا جي دوا ڪلوروڪوئن ۽ هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن جي مشروط منظوري ڏئي ڇڏي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايف ڊي اي جو چوڻ آهي ته ڪلوروڪوئن ۽ هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن رڳو ڪورونا جي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مريض کي ڏئي سگهجي ٿي.

آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن وضاحت ڪندي چيو ته ڪلوروڪوئن ۽ هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن بنيادي طور مليريا جي دوا آهي.

ايف ڊي اي خبردار ڪندي اهو به چيو آهي ته ڪلوروڪوئن ۽ هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن ڪورونا جي هر مريض جي استعمال لاءِ ناهي ۽ اها دوا رڳو انهن مريضن لاءِ آهي، جن جي حياتي کي سنگين خطرو هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.