ايران ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 157 انساني حياتيون ضايع ڪري ڇڏيون

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 157 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو.

ايران ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو سلسلو جاري آهي، جتي وڌيڪ 157 انساني حياتيون ضايع ٿي ويون آهن، جنهن کانپوءِ ان بيماري سبب ايران ۾ فوت ٿيندڙن جو سرڪاري انگ 2 هزار 234 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن موجب ايران ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 2 هزار 390 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ اتي متاثرن جو مجموعي انگ لڳ ڀڳ 30 هزار ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.