ملڪ ۾ تعليمي ادارا 31 مئي تائين بند، مسجدون کليل رهنديون، نماز محدود رکڻ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاق سميت سڀني صوبائي حڪومتن اتفاق راءِ سان ملڪ ۾ تعليمي ادارا 31 مئي تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ڪورونا وائرس جي معاملي تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ٻين حڪومتي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اڄ قومي رابطا ڪميٽي جو پنجون اجلاس هو، وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي سان هلي رهيا آهيون ته جيئن ان جا ناڪاري اثر نه پون، پهريون مرحلو اهو ته وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ پابنديون لاڳو ڪيون ويون، ڇو ته اهو بهترين هٿيار آهي پر اهو رڳو حڪومت جو نه هر شهري جو ڪم آهي.

هن چيو ٻيو مرحلو اهو آهي ته وائرس سان متاثر ماڻهن کي ڪيئن بچائجي، وائرس جي سڃاڻپ ڪيئن ڪجي، ان لاءِ لکين ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، ٽيسٽنگ ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن ڪو متاثر مريض سامهون اچي رهيو آهي ته ان جي علاج لاءِ سڀ کان ضروري آهي اسپتال ۾ الڳ آئسوليشن وارڊ هجن، آءِ سي يوز ۾ وڏي انگ ۾ بسترا هجن، وينٽي ليٽر هجن ۽ ڊاڪٽرن توڙي ميڊيڪل اسٽاف کي حفاظتي سامان ۽ اوزار هجن.

سندس چوڻ هو ته ڪورونا سبب پابندين جي ڪري ناڪاري اثرن کي ڏسندي ۽ وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، وبا جي معيشت تي پوندڙ ناڪاري اثرن کي ڏسندي حڪومت وڏي معاشي پيڪيج جو اعلان ڪيو، هاڻ ان پيڪيج تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ٽيم جوڙي وئي آهي ۽ اهو ڪم سڀني صوبن سان گڏجي ٿي رهيو آهي.

اسد عمر موجب اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت ٻڌايو ته سمورن صوبن سان اتفاق ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ تعليمي ادارن جون 5 اپريل تائين وڌايل موڪلن کي 31 مئي تائين ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اٽي جا اگهه وڌڻ جون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن پر ملڪ ۾ اٽي جو ڪو بحران ناهي، ملڪ ۾ 17 لک ٽن اٽو موجود آهي، وزيراعظم هڪ ٻه ڏينهن ۾ اهم اعلان ڪندو، جن ۾ هڪ موجوده حالتن ۾ مدد لاءِ رضاڪارن جو پروگرام آهي ۽ ٻيو حڪومت جي مالي امداد بابت آهي، جڏهن ته اجلاس ۾ آخري فيصلو مسجدن جي اجتماعن بابت ڪيو ويو.

ان موقعي تي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 5 اپريل تائين اسان وٽ جيتري انگ ۾ ذاتي تحفظ جون شيون هونديون، جيڪي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ پيرا ميڊيڪل جي ڪم اچن، انهن ۾ گهٽتائي نه ايندي، ان کانسواءِ وفاقي سطح تي ڪورونا جي معاملي کي ڏسندي هڪ حڪومتي ٽيم ۾ ڊاڪٽر فيصل سلطان کي شامل ڪيو ويو آهي ۽ کيس ان مرض جي حوالي سان فوڪل پوائنٽ ٺاهيو ويو آهي، قومي سطح تي تمام جلد ڊاڪٽرن، نرسن، پيرا ميڊڪس جي تربيت جو پروگرام شروع ڪنداسين ۽ شروعاتي طور اسان جو هدف 5 هزار هوندو.

هن ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ 1102 تصديق ٿيل ڪيس آهن، 24 ڪلاڪن دوران 102 مريض وڌيا، ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ ڪورونا وائرس جا 575 مريض داخل آهن، جن مان 570 جي صورتحال مستحڪم، جڏهن ته 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 8 فوتگيون ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته مختلف صوبن ۾ قرنطينه ۾ رکيل ماڻهن جو انگ 6 هزار 589 آهي.

مذهبي معاملن بابت وزير پير نورالحق قادري چيو ته مسجدون بند نه ٿينديون پر جماعت سان نماز ۽ جمعي جي نماز کي انتهائي محدود رکيو وڃي، مسجدون کليل رهنديون ۽ ذڪر جاري رهندو.

سندس چوڻ هو ته مڪو شريف، مدينو شريف ۽ رياض شهر بند آهي، جڏهن ته نجف ۽ ڪربلا ۾ مقدس زيارتن کي به بند ڪيو ويو آهي، اسان جو مذهب ٻڌائي ٿو ته نماز کان وڌيڪ نمازي جي اهميت آهي.

اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ آءِ سي يوز ۾ 19 هزار 670 بسترن جي سهولت موجود آهي، جڏهن ته قرنطينه سينٽرن ۾ بسترن جو انگ هڪ لک 62 هزارن تائين پهچي ويو آهي، مختلف ٿري، فور ۽ فائيو اسٽار هوٽلن کي بُڪ ڪيو ويو آهي، سڄي ملڪ ۾ آءِ سي يوز ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي جو انگ 30 هزار آهي، ذاتي حفاظت جو سامان آءِ سي يو ۾ ڪم ڪندڙ طبي عملي کي فراهم ڪيو ويندو.

هن ٻڌايو ته اپريل جي آخر تائين نون وينٽي ليٽرن جو انگ 2 هزار ٿي ويندو، مئي تائين نون وينٽي ليٽرن جو انگ 4 کان 5 هزارن تائين وڌائينداسين، جڏهن ته چين مان جمعي تي 15 ٽن طبي سامان ۽ 20 وينٽي ليٽر پهچندا.

سندس چوڻ هو ته ڇنڇر ڏينهن چين طبي سامان سان گڏ 8 طبي ماهر موڪليندو، گلگت بلتستان ۾ سڀاڻي سنڪيانگ کان خنجرات رستي طبي سامان پهچندو، جڏهن ته ٽيسٽنگ ليبارٽريز ۾ ڪم ڪندڙ عملي کي به حفاظتي سامان فراهم ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.