ڪورونا وائرس سبب فيس بڪ جي استعمال ۾ رڪارڊ واڌ

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ فيس بڪ ٻڌايو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي نتيجي ۾ اسان جي نيٽ استعمال جي شرح ۾ ڊرامائي واڌ ٿي آهي خاص طور تي انهن علائقن ۾ جيڪي ان وبا سبب متاثر ٿيا آهن.

انهن  مان هڪ اٽلي آهي جتي فيس بڪ تي گذارجندڙ  وقت ۾ 70 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جڏهن ته هڪ هفتي ۾ فيس بڪ لائيو ۽ ان انسٽاگرام جا ويوز ٻيڻا ٿي ويا آهن.

ميسيجنگ جي شرح ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گروپ ڪالن جي شرح ۾ هڪ هزار سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

فيس بڪ هڪ بلاگ ۾ ٻڌايو ته ايمرجنسي دوران اسان هر اها شيءِ ڪري رهيا آهيون جيڪا اسان جي ايپ کي تيز ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ڏئي، اسان جي سروسز ۾ مخصوص ايوينٽس جهڙو اولمپڪ يا نئين سال جي شروعات ۾ استعمال جي شرح ۾ واڌ کي ڏٺو ويندو آهي، پر ائين ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي ۽ تياري لاءِ اسان وٽ گھڻو وقت هوندو آهي،

ٽوئيٽر ۾ به اها واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ پهرين 6 هن مهينن دوران ان جي واهپيدارن جو انگ 15 ڪروڙ کان وڌي 16 ڪروڙ ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.