خيرپور ۾ جي او سي پنو عاقل جو ايسوليشن وارڊ جو دورو

عوامي آواز رپورٽ
خيرپور ۾ جي او سي پنو عاقل جو ايسوليشن وارڊ جو دورو
عوامي آواز رپورٽ خيرپور ۾ جي او سي پنو عاقل جو ايسوليشن وارڊ جو دورو

جي او سي پنو عاقل پاران خيرپور ۾ قائم ايسوليشن وارڊ جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو

جي او سي پنو عاقل ميجر جنرل سيد طاھر حميد شاهه خيرپور پھچي سول اسپتال ۾ قائم آيسوليشن وارڊ جو دورو ڪيو ۽ ڪرونا وائرس جي جي شڪ سبب داخل مريضن جي علاج ۽ سھولتن بابت سول سرجن ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ کان بريفنگ ورتي

ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي سول سرجن ڊاڪٽر ڪليم الله ميمڻ ٻڌايو ته ڪرونا وائرس جي وبا اوچتو سامھون آئي آهي ڪجھ سھولتن جي کوٽ باوجود سنڌ سرڪار سھولتون ڏنيون آهن

ان موقعي تي رينجرز ونگ ڪمانڊر عمران حيدر. ڊپٽي ڪمشنر محمد نعيم سنڌھو. ايس ايس پي عمر طفيل، اسسٽنٽ ڪمشنر مرزا وليد بيگ ۽ ٻيا موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.