ڪورونا وائرس زمين کان خلا ۾ منتقل ٿيڻ جو خدشو..!

سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙيل ڪورونا وائرس بابت ماهرن کي خدشو آهي ته ڪٿي ڄاڻايل وائرس خلا ۾ به نه هليو وڃي جنهن سبب ايندڙ مهيني خلا ۾ ويندڙ ٽن خلابازن کي قرنطينه ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ايندڙ مهيني اپريل ۾ عالمي  خلائي اسٽيشن تي ويندڙ روس ۽ آمريڪا جي ٽن خلابازن احتياطي تدبيرن کي نظر ۾ رکندي پاڻ کي قازقستان ۾ قرنطينا ۾ رکيو آهي ۽ هلندڙ هفتي جي آخر تائين انهن جي قرنطينه جو وقت مڪمل ٿي وڃي.

ماهرن موجب ڄاڻايل خلابازن کي ان ڪري قرنطينه هجڻ جو چيو ويو ته جيئن ڪورونا وائرس زمين کان خلا ۾ منتقل نه ٿي سگھي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 2 روسي ۽ هڪ آمريڪي خلاباز جي قرنطينه جو وقت هلندڙ هفتي جي آخر ۾ مڪمل ٿي ويندو ۽ هن وقت تائين ڪنهن ۾ به ڪورونا وائرس جي ڪا به علامت ظاهر ناهي ٿي.

رپورٽ موجب ٽئي خلاباز ايندڙ مهيني اپريل جي شروعات ۾ ئي قازقستان جي هڪ سينٽر کان عالمي خلائي اسٽيشن لاءِ اڏام ڀريندا جڏهن ته ٽئي خلاباز ايندڙ 6 مهينن تائين عالمي خلائي اسٽيشن ۾ رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.