موبائل فون کي ڪورونا وائرس کان محفوظ ڪيئن رکجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي ذميوار  به ٿي سگھي ٿي جنهن ڪري موبائل فون کي ان موت مار وائرس کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪجهه احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻ گهڻو ضروري آهي.

سڄي دنيا ۾ 3 لکن جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ 10 هزار کان وڌيڪ فوت، موبائل فون ذريعي سولائي سان انساني جلد تائين اهو وائرس پهچي سگھي ٿو ۽ ڪن، نڪ يا وات ذريعي جسم ۾ داخل ٿي سگھي ٿو.

جراثيم مار وائيپس سان موبائل فون جي صفائي

موبائل فون کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکڻ لاءِ ڪجهه احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن ته ان وائرس کان بچي سگھجي ٿ و. موبائل فون کي صاف ڪرڻ لاءِ سدائين جراثيم مار وائيپس جو استعمال ڪيو وڃي جيڪو مارڪيٽ ۾ سولائي سان سستي اگھه ۾ موجود آهي.

نرم ۽ مائيڪرو فائيبر ڪپڙي سان صفائي ڪيو

مشهور موبائل ڪمپنيون به پنهنجي واهپيدارن کي موبائل جي صفائي لاءِ نرم ۽ مائيڪرو فائيبر سان تيار ڪيل ڪپڙي جو ٽڪر استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏينديون آهن. لينن جو ڪپرو استعمال نه ڪيو.

موبائل سينيٽائيزر جو استعمال

موبائل ڪمپنين جو چوڻ آهي ته موبائل اسڪرين ۽ باڊي جي صفائي لاءِ سينيٽائيزر به استعمال ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪيترائي موبائل سينيٽائيزر مارڪيٽ ۾ دستياب آهن جڏهن ان وبا کان پوءِ سينيٽيائيزر سان گڏ ڪٽ دستياب آهي جنهن ۾ صفائي لاءِ خاص ڪپڙو به موجود آهي.

ٽشو پيپر سان هر هر صاف ڪيو

هر ڀيري موبائل فون استعمال ڪرڻ کان پوءِ ٽشو پيپر سان فون کي سٺي نموني صاف ڪيو وڃي. ان کان سواءِ موبائل فون کي شڪي مريضن جي حوالي نه ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.