هاڻي نئين صوبي جي ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي

مقبول ملاح

لساني بنياد تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو رينگٽ ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايم ڪيو ايم ڪندي پئي اچي، ڀلي اهو ايم ڪيو ايم لنڊن يا ايم ڪيو ايم پاڪستان جي صورت ۾ ڇو نه هجي، آهن ته هڪ سڪي جا ٻه پاسا، الڳ صوبي لاءِ ته نئون نقشو به تيار ڪيو ويو هو، جڏهن کين اهو نظر آيو ته سنڌ جا حلالي پٽ ڪڏهن به سنڌ جا ٻه حصا ٿيڻ نه ڏيندا، ته پوءِ هڪ نئون رينگٽ ته انتظامي بنيادن تي سنڌ جا ٻه حصا ڪيا وڃن، يا وري سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو وارو رينگٽ پڻ ڳايو ويو، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڀتين تي  ته اڃان تائين مهاجرن لاءِ الڳ صوبن جا نعريٰ لکيل آهن، پر سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين توڙي باشعور عوام ڪڏهن به ٻن صوبن يا ٻن انتظامي يونٽن جي بنياد تي سنڌ جي ورهاست کي قبول نه ڪيو  ۽ سدائين سنڌ کي  ميري اک سان ڏسندڙن جي اک ۾ ڪنڊو رهيا، جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم  ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي آهي، پر انهن جي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش ڪڏهن به نه ورهائي آهي، هنن ڪڏهن به سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجو نه سمجهو. ايم ڪيو ايم ته سدائين لسانيت جي سياست ڪئي ۽ هو صرف شهرن تائين محدود رهيا، تنهن ڪري ئي هنن جو خواب هيو ته شهري يونٽ جيڪو ڪهڙي به بنياد تي ٺهي کين ملي، پر گذريل ڏينهن بلوچستان جي هڪ قبيلي جي سردار مير ظفر الله جمالي، جيڪو ملڪ جو وزير اعظم به رهي چڪو آهي، اچانڪ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي. سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته “ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الهيار” ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ کي ورهائڻ، يا يونٽ ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر بلوچستان سان تعلق رکندڙ هڪ قبيلي جو سردار جنهن کي بلوچستان جو باشعور عوام به پنهنجو نه ٿو ڪري ۽ نه ئي سندس سنڌ جي سياست سان ڪو واسطو آهي، اهڙي ڳالهه ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

ڪالهه جڏهن مون مير ظفر الله جمالي جي اهڙي بيان تي سنڌ سميت بلوچستان جي قومپرست اڳواڻن کان راءِ ورتي ته بلوچ قومپرست اڳواڻن ئي ظفر الله جمالي جي اهڙي بيان کي رد ڪري ڇڏيو. بلوچ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحئي بلوچ ظفر الله جمالي جي اهڙي بيان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي، سنڌي تاريخي قوم آهي ۽ سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولي آهي، هن چيو ته سنڌ جا پنهنجا رسم رواج آهن، وفاق يا ڪنهن به صوبي جي ماڻهو کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي جو هو سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪري. هن چيو ته رياست کي گهرجي ته پاڪستان جي مڙني قومن جي وحدت جو تحفظ ڪري.  جڏهن ته ساڳي طرح هڪ ٻئي بلوچ اڳواڻ رئوف خان ساسوليءَ چيو ته ظفر الله جماليءَ جو بيان هن جي پنهنجي راءِ ته ٿي سگهي ٿي، پر بلوچستان جا ماڻهن ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه نه ٿا ڪي سگهن، هن چيو ته جيڪڏهن پنجاب جا ماڻهو نئين صوبي جي ڳالهه ڪندا ته هو اتان جا ڌرتي ڌڻي آهن، ڪري سگهن ٿا، سندن راءِ جو احترام ڪيون ٿا، پر سنڌ ۾  اهڙي ڪابه صورتحال ناهي. هن چيو ته بلوچ عوام سنڌ کي ورهائڻ واري ڪنهن به سازش کي قبول نه ڪندو، هن وقت ماڻهن کي ورهائڻ بدران جوڙڻ واريون ڳالهيون ٿيڻ گهرجي.

جڏهن ته سنڌ جي قومپرست جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته موجوده وفاقي حڪومت طرفان پنجاب کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ واري ڳالهه سوٽ نه ٿي ڪري، جنهن تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ قوتن ظفر الله جمالي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻيا پپٽس ڇڏيا آهن، جيڪي قوتن جي خواهشن ۽ چوڻ تي اهڙي قسم جا بيان ڏين ٿا، سندن چوڻ هو ته ظفر الله جمالي کي ته اهو حق ئي ناهي ته هو سنڌ بابت ڪا راءِ ڏئي، ڇاڪاڻ ته ظفر الله جمالي جو سنڌ سان ڪوبه تعلق ناهي، ۽ نه ئي هو سنڌ جي لاءِ ڪابه راءِ ڏيڻ جو حق  ٿو رکي.

جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جي سينيئر وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور جو چوڻ هو ته سنڌ، سنڌين جو تاريخي وطن آهي ۽ اسان جي دوستي ۽ دشمني جو مهور سنڌ آهي، هن چيو ته سياسي طور پنهنجي ساک وڃائي ويٺل بلوچستان جي هڪ قبيلي جو سردار ميڊيا تي پنهنجو پاڻ کي آڻڻ جي لاءِ سنڌ کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ظفرالله جمالي جهڙا ماڻهو سدائين اسٽبلشمينٽ جا مهرا رهيا آهن، جن پنهنجي سڄي زندگي قوتن جي لاءِ ڪم ڪيو. هن چيو ته بلوچستان سان سنڌ جو تاريخي ۽ ثقافتي رشتو آهي، ان ڪري هڪ قوتن جي مهري جي ڳالهين کي اهميت نه ٿا ڏيون، ظفر الله جمالي سياسي طور تي مري چڪو آهي.

 

ساڳي طرح نامياري دانشور ذوالفقار هاليپوٽو چيو ته ظفر الله جمالي جو بيان سنڌ ۽ بلوچستان جي جمهوريت لاءِ هلندڙ جدوجهد کي نقصان پهچائيندو، جڏهن به بلوچن تي ڏکيو وقت آيو آهي ته سنڌ سدائين سراپا احتجاج رهي آهي، پر هڪ بلوچ اڳواڻ  اهڙي قسم جو غير ذميوارانا بيان ڏنو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته سنڌ جي ٽوڙڻ جي ڳالهه ته پري، پر جيڪڏهن ڪو سوچي به ٿو ته اها سنڌ سان غداري آهي، جيڪا اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته ظفر الله کي سنڌ جي ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ جو ڪو اختيار ئي ناهي، سنڌ ۾ رهندڙ جمالي سنڌ جا بهادر پٽ آهي، جيڪي به پڻ ظفر الله جمالي جي اهڙي غير ذميواراڻا بيان جي مذمت ڪري رهيا آهن.

جي يو آءِ (ف) جي نائب امير عبدالڪريم هاليجوي چيو ته سنڌ کي ڪوبه ورهائي نه ٿو سگهي، سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪندڙ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، هن چيو ته صوبن کي ورهائڻ بجاءِ صوبن کي خودمختيار بنائڻ جي ڳالهه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ظفر الله جمالي جو سنڌ سان ڪوبه واسطو ناهي، هو ٻئي صوبي جو ماڻهو آهي.

 

هن وقت جڏهن ملڪ نازڪ حالتن مان گذري رهيو آهي، لساني بنيادن تي ٿيندڙ سياست کي سنڌ جو باشعور عوام رد ڪري چڪو آهي، جڏهن سنڌ ۽ بلوچستان پنهنجن حقن لاءِ گڏيل جدوجهد ڪري رهيا آهن، اتي ظفر الله جمالي جو اهڙو بيان ڇا ٿو ثابت ڪري، ظفر الله جمالي هڪ قبيلي جي سان واسطو رکندڙ آهي ۽ هزارين جمالي سنڌ ۾ رهندڙ آهن، جيڪي سنڌ سان محبت ڪن ٿا. ظفرالله جمالي جو نه سنڌ جي سياست سان ڪو واسطو آهي ۽ نه ئي سنڌ سان، ته پوءِ هن وقت اهڙو بيان ڏيڻ جو مقصد ڇا آهي، تنهن ڪري ظفر الله جمالي کي نه صرف سنڌي قوم پر سنڌ ۾ رهندڙ باشعور جمالي برادري کان به معافي وٺڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.