خيبرپختونخوا ۾ پوليو جا وڌيڪ 5 ڪيسَ سامهون اچي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخوا ۾ پوليو جا وڌيڪ 5 نوان ڪيس سامهون اچي ويا، جنهن بعد هلندڙ سال صوبي ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 15 ٿي ويو.

صحت کاتي موجب خيبر پختونخوا جي ٻن ضلعن ۾ پوليو جا وڌيڪ پنجن نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ضلعي خيبر مان چار ۽ نوشهره مان پوليو جو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي جڏهن ته متاثر ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا نه پياريا ويا هئا.

نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد هلندڙ سال ڪي پي ڪي ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 15 ٿي ويو جڏهن ته مجموعي طور تي ملڪ ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 22 تائين پهچي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.