جوهي ۾ شڪايتن تي حد دخلين خلاف ڪارروائي، قبضا ختم

جوهي ( ت ر  ) جوهي شھر جي مين روڊ ۽ مختلف بازارن ۾ حد دخلين جي  شڪايتن تي جوهي جي  اي سي پيرل چانڊيو،  مختيار ڪار علي شير بدراڻي ڊي ايس پي پير بخش چانڊيو ۽ ٻيو پوليس عملو ساڻ ڪري شھر ۾ حد خليون هٽرايون ويون انهي موقعي جوهي اي سي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته  جوهي شھر جي مين روڊن  جي ٻنهي پاسن کان حد دخليون ۽ روڊ تي قبضو هئڻ ڪري  سڄو سڄو ڏينهن  ٽريفڪ جام ٿئي ٿي ۽ ڪابه ايمرجنسي ۾ گاڏي نٿي نڪري سگهي، خاص طور تي اسڪول ٽائم تي ٽريفڪ جام ٿيڻ جون شڪايتون مليو آھن. ، هن چيو ته حد دخلي سبب شھر جي سونهن وڃائجي وئي آھي، هر ايندڙ ويندڙ  مختلف سواري وارو ۽ پيادل  ماڻھو  وڏين تڪليفن بعد مين روڊ ڪراس ڪري ٿو، هن چيو ته اهڙين حد دخليون ڪندڙن کي وارننگ جاري ڪئي آھي، عمل نه ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.