وڏي وزير صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وڏي وزير ۽ وزيراعظم وچ ۾ اتفاق باوجود آءِ جي سنڌ پوليس کي نه پيو هٽايو وڃي، اها وفاق جي بدنيتي آهي.

سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۾ وڏين ڪوششن سان بحال ڪيل امن مان کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، گذريل مهيني فور ويل گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن سميت ڦر جي واقعن ۾ واڌ ٿي آهي.

هن چيو ته پ پ صحافين جي تحفظ تي يقين رکي ٿي، صحافي جي قتل تي ڏک پهتو آهي، متاثرن سان گڏ آهيون، عدالتي جاچ جي آڇ به ڪئي آهي، ان کانسواءِ وارثن جي مطالبي تي وڏي وزير واقعي جي جاچ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صحافي جو ناحق خون ٿيو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏيارينداسين.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪياماڙي سانحي بابت اڃا تائين 100 سيڪڙو پڪي رپورٽ سامهون نه آئي آهي، ان سانحي جا جيڪي به ڪارڻ سامهون ايندا، ان تحت وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪمشنر جي سربراهي ۾ ماهرن ۽ انتظامي آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي آهي، سويابين واري جهاز کي هٽايو ويو آهي، جهاز کي پورٽ قاسم ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي پر اهو حفاظتي انتظامن هيٺ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.