ڏيپلو-نئون ڪوٽ روڊ نه ٺهڻ خلاف رهواسي سراپا احتجاج، 10 ڪلوميٽر پنڌ، ڌرڻو

ڪلوئي/نئون ڪوٽ (نمائندا) ڏيپلو-نئون ڪوٽ روڊ نه ٺهڻ خلاف رهواسي سراپا احتجاج، 10 ڪلوميٽر پنڌ مارچ، ڌرڻو، چونڊيل نمائندا ڳولي  ڏيو ڳولي جا اڀ ڏاريندڙ  نعرا، مڪاني چونڊن ۾چونڊيل نمائندن کي ڳوٺن ۾ نه اچڻ جو چتاءُ خبر موجب ڪلوئي تعلقي جي ڪلوئي نوجوان اتحاد سميت مختلف ڳوٺن جي ٻه سئو کان به مٿي ڳوٺاڻن جوڳي موڙ کان ٻاويهه ميل موري تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ۽ جنهن کان پوءِ مختلف ڳوٺن جي رهواسين سان گڏجي مختلف تنظيمن جي ماڻهن ٻاويهه ميل موري وٽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. انهي موقعي تي ڪلوئي جي نوجوان اتحاد جي اڳواڻن عمر سنڌي نواز آصف خان غفار خان حفيظ نهڙيو نعيم حسين غلام الله عوامي تحريڪ اڳواڻن ممتاز کوسو رحمان نهڙي ممتاز جوڻيجو سنڌي ادبي سنگت جي صوبدار قاسمي مصطفا خاصخيلي ڪيلاش شرما ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته نئون ڪوٽ کان ڏيپلو روڊ تي ڪيترائي ڳوٺ آهن جيڪي ٽٽل روڊ هئڻ ڪري عذاب وارو سفر ڪرڻ تي مجبور آهن هنن وڌيڪ چيو ته هي روڊ ٽٽل هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مختلف روڊ حادثن جو شڪار ٿي چڪا آهن پر ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن. ھنن چيو ته اهڙيون درخواستون اسان ڪافي ڀيرا تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا کي ڏنيون آهن پر اڃان تائين ڪو کڙ تيل ناهي نڪتو هنن چيو ته مٿي ڄاڻايل روڊ ٻه هزار يارهين جي مها ٻوڏ ۾ هنڌان هنڌان ٽٽي ويو آهي ڳوٺاڻن چيو ته ڄاڻايل روڊ جي مرمت جا پئسا ڪافي ڀيرا نڪتا جيڪي ڪرپشن جي ور چڙهي ويا هنن چيو ته اسان تڪ جي چونڊيل نمائندا نوٽيس وٺي  ڄاڻايل روڊ جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو  ڳوٺاڻن سيشن جج مٺي ڊي سي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو آهي نوٽيس وٺي ڄاڻايل روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي جئين تي سفر آسان سان طئه ڪري سگھيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.