چيلهار ۾ مهانگائي، يوٽيلٽي اسٽور کولڻ جو مطالبو

چيلهار (ن ع آ ) ٿرپارڪر جي رائچند راٺوڙ جي نالي سان مشهور قديمي شهر چيلهار جتي غربت وڌيڪ هئڻ ڪري ماڻهون پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳا.ٿرپارڪر جي هر شهر ۾ يوٽيلٽي اسٽور به کوليون ويو آهي پر چيلهار ۾ يوٽيلٽي اسٽور نه هئڻ ڪري اٻوجھ ماروئڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. اٽو پنجونجاھ ڪلو ۽ کنڊ پنجهتر ڪلو کان مٿي اگھ ٿيڻ ڪري غريب ماروئڙا مايوس ٿي روانا ٿيڻ لڳا آهن. رهواسين چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي گهرجي تي چيلهار ۾ غريب عوام جي لاء رليف پيڪيج ڏنو وڃي ۽ يوٽيلٽي اسٽور کوليو وڃي ته جيئن غريب ماروئڙا سستو سامان وٺي پنهنجن پچڙن جو سفرگذر ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.