پشاور ۾ زال ڌيئرن سان زيادتي جي الزام ۾ مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو

پشاور ( م ڊ ) پشاور  جي سوڙيزئي واري علائقي ۾ عورت مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو. 40 ورهين جي محمد خان کي سندس گهر واري رات جو سمهڻ وقت گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.  عورت پنهنجي مڙس تي الزام هنيو آهي ته مڙس سندس ڌيئرن سان بدفعلي ڪندو هو جنهن ڪري ان کي قتل ڪيو آهي. ايس پي صدر  سرڪل عبدالسلام خالد چيو آهي ته هي واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي مرد کي عورت عزت جي نالي تي قتل ڪيو آهي. واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي. 04

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.