واٽس ايپ واهپيدارن جو انگ 2 ارب ٿي ويو

 

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي مشهور ويب سائيٽ واٽس ايپ هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي واهپيدارن جو انگ ٻن اربن تائين پهچي ويو آهي.

واٽس ايپ انتظاميا جي اعلان موجب 2018 ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ استعمال ڪندڙن جو انگ ڏيڍ ارب هو، جڏهن ته 2016 ۾ هڪ ارب واهپيدار واٽس ايپ استعمال ڪندا هئا.

واٽس ايپ انتظاميا جو چوڻ آهي ته مختلف حڪومتن طرفان دٻاءَ باوجود واهپيدارن وچ ۾ ڄاڻ جي ڏي وٺ ڳجهي رکڻ جي عمل کي ختم نه پيو ڪيو وڃي.

واٽس ايپ جي سي  اِي او ول ڪيٿ ڪارٽ موجب ڪمپني پنهنجي خدمتن تي واهپيدارن وچ ۾ ڳجهن رابطن کي غير فعال ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿي رکي، سڄي انساني تاريخ ۾ ماڻهو هڪٻئي سان نجي طور ڳالهائڻ ۾ ڪامياب رهيا آهن ۽ اسان جو خيال ناهي ته جديد معاشري ۾ ان کي ختم ٿيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.