مفتي نظام الدين شامزئي جي قتل ۾ملوث مبينا دهشتگرد گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي (سي ٽي ڊي) حساس ادارن سان گڏجي ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم سپاهه صحابه سان تعلق جي الزام ۾ مبينا دهشتگردي سليم حيدر زيدي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سي ٽي ڊي وفاقي حساس اداري سان گڏجي يونيورسٽي روڊ تي موسميات کاتي جي ڀرسان ڪارروائي ڪئي ۽ هڪ مبينا دهشتگرد سليم حيدر زيدي عرف سليم ڀائي عرف رحمان عرف رجب کي گرفتار ڪري ورتو.

سي ٽي ڊي اختيارين دعويٰ ڪئي ته مبينا دهشتگرد جي قبضي مان هڪ دستي بم، پابندي مڙهيل سپاهه صحابه جا فنڊنگ بڪس، رسيدون ۽ رقم هٿ ڪئي وئي.

ٻڌايو ويو آهي ته گرفتار مبينا دهشتگرد بم ٺاهڻ جو ماهر آهي، دهشتگردي جي تربيت پارا چنار ۾ حاصل ڪئي ۽ هن جو ڪرمنل ريڪارڊ 1993ع کان موجود آهي، لياري ۾ جلوس تي دستي بم حملي، مسجد تي دستي بل حملي، پرڏيهي شهرين جي قتل، مفتي نظام الدين شامزئي ۽ مفتي جميل سميت ڪيترين ئي اهم شخصيت جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي.

سي ٽي ڊي اختيارين موجب مبينا دهشتگرد جو ساٿي ۽ مفتي نظام الدين شامزئي جي قتل ۾ ملوث جوابدار حماد رضا کي 2007ع ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن هن جو نالو ورتو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.