مسلمان مسافرن سان امتيازي ورتاءَ تي آمريڪي ايئر لائن تي ڏنڊ

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ڊيلٽا ايئر لائنز تي مسلمان مسافرن سان امتيازي ورتاءُ ڪرڻ تي 50 هزار ڊالر ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

جاچ دوران ثابت ٿيو ته ٻن مختلف واقعن ۾ ٽن مسافرن کي جهاز کان ٻاهر موڪليو ويو ۽ انهن فيصلن ۾ متاثرن سان مذهبي عقيدن جي بنياد تي امتيازي ورتاءُ رکيو ويو.

اهو ڏنڊ يو ايس ڊپارٽمينٽ آف ٽرانسپورٽيشن جمعي ڏينهن لاڳو ڪيو.

جيتوڻيڪ ڊيلٽا ايئر لائنز امتيازي ورتاءَ جي الزام کي رد ڪيو آهي پر ايئر لائن اهو به چيو آهي ته ڄاڻايل واقعن کانپوءِ پاليسيون تبديل ڪيون پيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.