چمبڙ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب لڳل باهه ٻه گهر ۽ دڪان ساڙي ڇڏيو

چمبڙ (ويب ڊيسڪ) چمبڙ ويجھو ڳوٺ بخشو حاجاڻي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ٻن گھرن سميت ھڪ کاڌي پيتي واري شين جي دڪان کي خطرناڪ باهه وڪوڙي ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ دوڪان جو سامان ۽ روڪ رقم سميت الهھ تلهھ سڙي رک ٿي ويو.

چمبڙ ٽائون ڪميٽي جي ڳوٺ بخشو حاجاڻي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب حاجاڻا برادري جي پورھيت ٻن ڀائرن اسحاق حاجاڻي ۽ محمدخان حاجاڻي جي گھرن کي باھ لڳي وئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سندن روزگار جو ذريعو بڻيل دوڪان کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

دانھن تي ڳوٺاڻن متاثرن وٽ پهچي پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو ۽ ڀرپاسي وارن گھرن کي به باھ لڳڻ کان بچائي ورتو.

باھ متاثرن کليل آسمان هيٺ الزام ھڻندي چيو ته باهه لڳڻ کانپوءِ اسان ٽائون چيئرمين جبران لغاري کي فائر برگيڊ عملو موڪلڻ لاءِ ڪيتريون ئي فونون ڪيون پر هن ڪنهن جي به فون نه کنئي، جنهن سبب اسان جو وڏو نقصان ٿيو آهي.

باهه متاثرن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته باهه لڳڻ سبب گهرن ۾ پيل هنڌ بسترن، کٽن ۽ ٻئي سامان سميت دڪان ۾ پيل 70 هزار رپين جو  سامان به سڙي رک ٿي ويو ۽ اسان رڳو پنهنجي ۽ ٻچن جي جان بچائي نڪتاسين پر ٽائون ڪميٽي چمبڙ جو عملو نه پھتو.

متاثرن ڊي سي ٽنڊوالهيار ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪندي چيو آهي ته  اسان پنھنجي معصوم ٻچن سان کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون ۽ اسان جي مدد ڪري ڇت فراهم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.