پرڏيهي وزير جي عمان جي نئين سلطان سان ملاقات

مسقط(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عمان جي نئين حڪمران سلطان هيثم سان ملاقات ڪئي ۽ اڳوڻي فرمانروا سلطان قابوس جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

تفصيل موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عمان جي راڄڌاني مسقط پهتو جتي هن عمان جي نئين حڪمران هيثم بن طارق السيد سان ملاقات ڪئي.

پرڏيهي وزير صدر پاڪستان، وزير اعظم ۽ عوام طرفان سلطان هيثم جي پيش رو سلطان قابوس جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هن مرحوم سلطان قابوس جي مغفرت ۽ درجات بلندي لاءِ دعا ڪئي.

ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام عمان جي مرحوم سلطان قابوس جي لاڏاڻي تي دل گرفته آهي ۽ ان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.

هن چيو ته مرحوم سلطان قابوس هڪ زيرڪ، مدبر ۽ امن پسند حڪمران جي طور تي ڄاتو ويندو هو. هن جي دور حڪومت ۾ عمان مثالي ترقي ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.