دنيا ۾ رهندڙ سنڌ جي عورتن کي ديس جي نياڻين لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي

حسيب لطيفي 

سنڌ جون پڙهيل ڳڙهيل عورتون جيڪي ٻاهري ملڪن ۾ رهن ٿيو انهن کي به سنڌ جي عورتن لاءِ ڊاڪٽر افسانه جهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اها وقت  جي ضروت به آهي. ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي پنهنجي حياتي ۾ هڪ فورم ”سنڌ سرتيون“ وسيلي سنڌ جي عورتن کي مختلف صحتمند سرگرمين لاءِ اتساهڻ وارو ڪم ڪندي انهن کي اڳتي آڻڻ لاءِ سنڌ اندر عورتن سان ملي ڪري مضبوط نيٽ ورڪ قائم ڪري ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. جنهن ۾ هن وقت سنڌ سرتيون جي پليٽ فارم هيٺ خاص طور عورتن کي آمدني جا ذريعا وڌائڻ لاءِ ۽ هٿ جي هنرن کي پروموٽ ڪرڻ جي ڪوشش شامل رهي آهي. عورتن کي پنهنجي هٿ جي هنر وڌائڻ جي طريقن بابت معلومات ڏيڻ کان سواءِ هن فورم جي وسيلي مختلف ملڪن اندر رهندڙ ڀينرن کي هڪٻئي جا تجربا شيئر ڪرڻ ۽ انهن مان فائدو وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي جو ملڪ کان ٻاهر رهي به سنڌ جي عورتن سان رابطو ۽ سندن بهتري لاءِ ڪوششون وٺڻ هڪ بهترين مثال آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ملڪ کان ٻاهر وڃي پنهنجي ڌرتي ۽ هم وطن ماڻهن کي وساري ويهن ٿا. جيتوڻيڪ اڄ سنڌ وٽ اڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي ته موجود نه آهي پر سندس ڪيل ڪم اسان وٽ اڄ به سنڌ سرتيون جهڙي اداري جي صورت ۾ موجود آهي جيڪو سندس ان واٽ تي هلي رهيو آهي ان حوالي سان سماجي تنظيم سرتيون ۽ سنڌ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن يوڪي طرفان سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ عورت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ سنڌ جي سماج سڌارڪ عورتن، ليکڪن، تعليمي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن شرڪت ڪئي. سندن چوڻ هو ته  سنڌ جي عورت صحتمند ۽ تعليم يافيه هجڻ سان گڏ جيستائين کيس فيصلا سازي جو حق نه ملندو هو ترقي ڪري نه سگهندي. هن ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي سرتيون سنڌ جي صدر شاهانه ڀرڳڙي چيو ته ڊاڪٽر افسانه ڀرڳري سنڌ سرتيون تنظيم جي 2018 ۾ شروعات ڪئي ۽ ڊاڪٽر افسانه جي خواهش هئي ته سنڌ کي ٿيلسميا فري بڻائي ۽ سنڌ جي عورتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪجي. ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي سنڌ ۾ رهندڙ عورتن جي هنر کي عالمي سطح تائين پهچايو، هوءَ سنڌ جي عورتن جي لاءِ اتساهه جي علامت بڻيل هئي ۽ سندس جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو.

ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي لنڊن ۾ ويهي سنڌ جي عورتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ چاهيو. پر نه صرف هن تعليم پر عورتن کي صحت جي حوالي سان به جاڳرتا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ جي عورت صرفاستاد ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ چاهيندي آهي، پر ڪيترائي شعبا آهن جن ۾ کين اڳتي اچڻ گهرجي، ان بابت جاڳرتا جي ضرورت آهي.

صرف ڊگري حاصل ڪرڻ سڀ ڪجهه ناهي، عورت تعليم سان گڏ زورگار يا نوڪري نه ڪندي ته هو پنهنجا فيصلا نه ڪري سگهندي. عورت ۾ فيصلا سازي جو اختيار نه هوندو ته هو طاقتور نه بڻجندي ۽ طاقتور تڏهن بڻجي سگهندي جڏهن هوءَ تعليم هئڻ سان گڏ نوڪري يا هنر به ڪندي. پاڪستان ۾ عورتون صحت ۽ تعليم جي حوالي سان پوئتي پيل آهن، افسانه ڀرڳڙي جي اها ڪوشش رهي ته هو سنڌ جي عورت کي عالمي سطح تائين اجاگر ڪري. معلومات کي اڳتي وڌائڻ بهتر عمل آهي.

سرتيون هڪ سماجي تنظيم آهي، جيڪا سنڌ جي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙي رهي آهي. افسانه ڀرڳري جو مشن هيو ته هو سنڌ جي عورتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ۽ اهڙو رستو ڏئي ته جيئن هو پاڻ کي مضبوط سمجهي سگهن.

ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته غزا جي گهٽتائي ڪري عورتن ۾ ويم دوران فوتگي جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڄمندڙ ٻار به ذهني  ۽ جسماني طور ڪمزور ٿين ٿا. 70 سيڪڙو ٻارن ۾ وٽامن ڊي جي گهٽتائي آهي. ماءُ جو کير پيئندڙ ٻار جسماني ۽ ذهني طور مضبوط رهي ٿو، تنهن ڪري ٻن سالن تائين ٻارڙي کي پنهنجي ماءُ جو کير ڏيڻ گهرجي. جستائين عورت صحتمند نه هوندي تيستائين اسان جو معاشرو صحتمند نه هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.