آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر طرفان داخل ڪيل ضمانت واري درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.

وفاقي راڄڌاني جي عدالت عاليه چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل اسپيشل بينچ سڀاڻي ان تي ٻڌڻي ڪندي.

ان کان اڳ عدالت عاليه ۾ اڳوڻي صدر طرفان پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ جي مدد سان عدلت ۾ ڪوڙي اڪائونٽ ۽ پارڪ لين ڪيسز ۾ گرفتاري کان پوءِ واري ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي.

آصف زرداري طرفان طبي بنيادن تي ضمانت جي لاءِ داخل ڪئي وئي درخواست ۾ قومي احتساب بيورو عدالت نمبر 2 کي ڌر بڻايو ويو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:آصف زرداري کي دل ۾ تڪليف وڌي وئي، فريال جي ملاقات

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته درخواستگذار قانون تي عملدرآمد ڪندڙ شخصيت آهي ۽ هن جي عوام ۾ سٺي ساک آهي.

گڏوگڏ ئي اِهو به چيو ويو ته درخواستگذار پاڪستان پيپلز پارٽي پارلمينٽرينز جو صدر ۽ اڳوڻي وزير اعظم بينظير ڀٽو مڙس آهي جڏهن ته هو 2008 ع کان 2013ع تائين ملڪ جو 11 هون صدر به رهي چڪو آهي.

آصف زرداري پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته هن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته هن جي مٿان بڻايل ڪيس ڪوڙا آهن.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آصف علي زرداري دل جو مريض آهي ۽ هن جا 3 اسٽنٽ وڌا ويا آهن جڏهن ته هن جي ڇاتي مان هولٽر مانيٽر به لڳايو ويو آهي جيئن ڊاڪٽر هن جي ڌڙڪڻ کي مانيٽر ڪري سگهن.

گڏوگڏ ئي آصف زرداري اِهو موقف اختيار ڪيو ته هن کي ذيابيطس جو مرض به آهي ۽ هن جي شگر ليول مٿي ۽ هيٺ خطرناڪ حد تائين ٿيندي رهندي آهي، جنهن جي نگراني جي ضرورت آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:آصف زرداري پلي بارگين شروع ڪري ڇڏي آهي: شيخ رشيد

ان کان سواءِ درخواست ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار کي وڌيڪ بيماريون به آهن، ان ڪري هن جي علاج لاءِ بي بنيادن تي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.