آرمي چيف کي ملازمت ۾ مشروط واڌ فوج ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪندي: اڳوڻو جنرل

اسلام آباد (م ڊ)رٽائرڊ جنرل امجد شعيب چيو آهي ته آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ 6 مهينن جي مشروط واڌ ”آرمي ڪمانڊ“ ۾ غيريقيني صورتحال پيدا ڪندي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت وٽ قانونسازي لاءِ گهربل اڪثريت نه آهي جو اها قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ان کي پاس ڪرائي سگهي. هن چيو ته اها وڏي نقصان ڪار صورتحال آهي، ڇاڪاڻ جو آرمي جا هيٺيان آفيسر اها صورتحال ڏسندا رهندا ۽ غيريقيني قائم رهندي. هن چيو ته صورتحال افراتفري واري آهي. هاڻ اهو جنرل قمر جاويد باجوه تي ڇڏيل آهي ته هو پاڪ فوج جي وقار جو خيال رکي ٿو يا وري سسٽم ۾ سڌارا آڻي عهدو ڇڏي ٿو. هن چيو ته مون آرمي چيف قمر جاويد باجو سان ڳالهايو هو، هُن نوڪري جي مدي ۾ واڌ نه پئي چاهي، پر وزيراعظم عمران خان هن کي وڌيڪ عهدي تي برقرار رکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته معاملو پارليامينٽ کي موڪلڻ جو وقت ٺيڪ ناهي، جيڪڏهن هفتو اڳ ٿي وڃي ها ته ڳالهه ڪجهه ٻي هجي ها. دفاع واري اڳوڻي سيڪريٽري آصف ياسين ملڪ جو چوڻ هو ته فوج منظم ادارو آهي، مشروط واڌ سان ڪو ناڪاري اثر نه پوندو. ميجر جنرل اعجاز اعواڻ چيو ته فوج جو پنهنجو مڪينزم آهي،

آرمي چيف جي نوڪري واري مدي ۾ مشروط واڌ سان چيف آف ڪمانڊ تي ڪو به فرق نه پوندو.0630

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.