اغوا ڄاڻايل مسيح شاگردياڻي جي تحفظ لاءِ درخواست

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورنگي مان مبينا طور اغوا ڄاڻايل مسيحي شاگردياڻي هما جان جي تحفظ لاءِ داخل درخواست تي هما۽ سندس مڙس عبدالجبار کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.عدالت ۾ درخواست گذار مسيحي کان مسلمان ٿيندڙن هما موقف اختيار ڪيو ته هو ڪرسچن هئي.10 آڪٽوبر 2019ع تي پنهنجي مرضي سان اسلام قبول ڪري ملتان جي عبدالجبار نالي ماڻهو سان شادي ڪئي .هن عدالت کي ٻڌايو ته هو عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪري چڪي آهي. هن چيو ته والد يونس مسيح منهنجي مڙس تي ڪوڙوڪيس داخل ڪيو آهي .مان ٽرائل ڪورٽ ۾ بيان جي لاءِ آيس ته منهنجي ،مڙس ۽ وڪيل مٿان حملو ڪيو ويو .عدالت تحفظ جو حڪم ڏيندي ٽرائل ڪورٽ کي ٻه ڊسمبر تي بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .يادرهي ته مسيحي نينگري هما کي اغوا ڪرڻ بعد مذهب تبدل ڪرائي سندس نڪاح پڙهايو ويو آهي. 14 ورهين جي هما مسيح ڪورنگي جي سرڪاري اسڪول ۾ اٺين درجي ۾ پڙهندي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.