شهيد بينظير ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم

ڪراچي ( رپورٽر) لياري ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان قائم ٿيل ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال طرفان وڏي پئماني تي ڪرپشن، اقربا پروري ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ميگا ڪرپشن جي حوالي سان عدالتي جاچ جي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي. عدالتي جاچ ۾ ڪاليج جي پرنسپال انجم رحمان کي ڪرپشن ۽ بي ضابطگين جو ذميواري قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پرنسپال پنهنجي ٽن ڀينرن کي 19هين گريڊ ۽ٻن ڀائرن کي 15۽ 14 گريڊ ۾ ڀرتي ڪرايو .رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پرنسپال ڪاليج جا اڏاوتي ٺيڪا پنهنجي والد جي فرم کي الاٽ ڪرايا، سندس هڪ ڀيڻ ڊاڪٽر سحر فاطمه پرڏيهه ۾ نوڪري ڪري رهي آهي. رپورٽ موجب پرنسپال انجم رحمان لياري ميڊيڪل ڪاليج جي پگهار سان گڏ ٻيون رعايتون به وٺندي رهي آهي، سندس هڪ ڀيڻ ڪاليج ۾ ملازمت هجڻ باوجود گلشن اقبال ۾ نجي اسپتال هلائي رهي آهي.شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري ۾ ميگا ڪرپشن جي عدالتي جاچ ۾ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته پرنسپال جي ڀيڻ پنهنجي نجي اسپتال ۾ ڪاليج جي سرڪاري مشينري استعمال ڪندي آهي، جڏهن ته اُنهي پرنسپال سنڌ هاءِ ڪورٽ مان اسٽي آرڊر حاصل ورتو آهي. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 12 ڊسمبر تي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.