”ايتري خوشي ٿي آهي جو بيان نٿا ڪري سگهون“

 

نارووال (ويب ڊيسڪ) بابا گرونانڪ ديو جي جي 550هين جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شريڪ سک ياترين ڪرتارپور جي افتتاح تي وزيراعظم عمران خان ٿورا مڃيا.

پاڪستان ٽيلي ويزن سان ڳالهائيندي سک ياترين پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته اها اسان جي صدين کان خواهش هئي، اسان کي خبر نٿي پئي ته اسان پاڪستان ۾ آهيون يا ڪنهن ٻئي هنڌ، اسان کي جيڪو پيار ۽ محبت ملي ان تي ڏاڍا خوش آهيون، اسان پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي جيتري تعريف ڪيون گهٽ آهي.

هڪ سک عورت چيو ته اسان وزيراعظم عمران خان جي ڪري ئي هتي اچي سگهون ٿا، جڏهن ته هڪ ٻئي سک ياتري جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان هيءَ راهداري کولي تاريخ لکي ڇڏي آهي، اسان کي ايتري خوشي آهي جو بيان ئي نٿا ڪري سگهون.

ڀارتي سپريم ڪورٽ جي سينيئر ايڊووڪيٽ ايڇ ايس فلڪا ڪرتارپور راهداري کلڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اها ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي، اسان پاڪستاني حڪومت جا ٿورائتا آهيون، جنهن اسان کي هتي اچڻ جي اجازت ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.