عمران خان اڄ تاريخ لکي ڇڏي: نوجوت سنگهه سڌو

 

نارووال (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سڌو شاعراڻي انداز ۾ عمران خان جي تعريف ڪندي چيو آهي ته هن اڄ تاريخ لکي ڇڏي.

ڪرتارپور راهداري جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران نوجوت سنگهه سڌو شاعراڻي انداز ۾ وزيراعظم عمران خان جي شخصيت کي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته عمران خان سڄي دنيا جي 14 ڪروڙ سکن جون دليون کٽي ورتيون، سڪندر بادشاهه پنهنجي طاقت سان دنيا فتح ڪئي، عمران خان توهان ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ٿا، عمران خان سک برادري تي جيڪو ٿورو ڪيو آهي، اهو وسارڻ جوڳو ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه عمران خان جهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي تاريخ لکندا آهن ۽ اهو ورهاڱي کانپوءِ پهريون ڀيرو آهي جو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سرحد جون رنڊڪون ختم ٿيون، جيڪڏهن مسئلا ڀاڪر پائڻ سان حل ٿي سگهن ٿا ته سرحدن تي رتوڇاڻ جي ضرورت ناهي.

ان موقعي تي سکن جي تنظيم ڀارتي آڪال تخت جي سربراهه گياني هرپريت سنگهه پاڪستاني ۽ ڀارتي حڪومتن جا ٿورا مڃيندي چيو ته جيڪڏهن ڀارت دَر نه کولي ها ته اسان هتي نه اچي سگهون ها ۽ جيڪڏهن پاڪستان دَر نه کولي ها ته اسان اندر نه اچي سگهون ها.

هن چيو ته اڄ خوشين جو ڏينهن آهي، 72 ورهين کانپوءِ اسان جي خواهش پوري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.