هٿرادو مهانگائي ڪئي وئي،ڪراچي جون حالتون خراب آهن: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي، عمران خان پنهنجي سمورن اسيمبلي ميمبرن کي خاطري ڪرائي آهي ته ڌرڻي وارو معاملو افهام تفهيم سان حل ڪيو ويندو، توهان ڳڻتي نه ڪريو، وزيراعظم سمورن اسيمبلي ميمبرن کي ايوان ۾ حاضر رهڻ جي به هدايت ڪئي، قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان ميڊيڪل اٿارٽي جو بل پاس ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو، هن چيو ته ميڊيڪل جي شعبي ۾ ماڻهن دڪانداري لڳائي ڇڏي آهي، ميڊيڪل جي شعبي ۾ سڌارا آڻي انهن جو قبلو درست ڪرڻو آهي، انساني جانين سان کيڏندڙن لاءِ سخت کان سخت سزا تجويز ڪنداسين، هن چيو ته ذخيرو ڪندڙن ملڪ ۾ هٿرادو مهانگائي ڪئي آهي، انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، هن چيو ته ڪراچي جون حالتون ڏينهون ڏينهن بدترين ٿي رهيون آهن، سنڌ سرڪار مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، ان موقعي تي هن تمام جلد ڪراچي جو دورو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.