رابي پيرزادا پنهنجي ڪمائيءَ مان غريبن جو علاج ڪرائيندي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا ۽ ڳائڻي رابي پيرزادا غريبن لاءِ مفت ڊسپينسري کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

رابي پيرزادا ڳائڻ ۽ اداڪاريءَ سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن ۾ به حصو وٺي رهي آهي ۽ ان ئي سلسلي ۾ هن سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ڳائڻيءَ بنا ڪنهن جي مدد جي پنهنجي سر پاڻ غريبن لاءِ مفت دواخانو قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

انسٽاگرام تي جاري پوسٽ ۾ رابي پيرزادا جو چوڻ هو ته مان تمام جلد غريب ۽ حقدار ماڻهن لاءِ ڪنهن به ٻاهرين امداد کانسواءِ مفت ڊسپينسري قائم ڪري رهي آهيان، ڊسپينسري ۽ دوائن جو خرچ پنهنجي ڪنسرٽس مان حاصل ٿيندڙ ڪمائي مان ڀرڻ جو اعلان ڪندي هن چيو ته ماڻهو ٻين کان خيرات وٺي فلاحي ڪم ڪندا آهن پر مان اهو ڪم پنهنجي ڪمائيءَ مان ڪنديس.

رابي پيرزادا جي ان فيصلي کي سوشل ميڊيا تي ڏاڍو ساراهيو پيو وڃي ۽ ماڻهو سندس ان فلاحي ڪم جي واکاڻ ڪندي ڳائڻيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.