وزيراعظم سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ بدران ٻاهر پيو گُهمي: سراج الحق

 

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته جهڙي ريت ڪابل کي آمريڪين کي قبرستان بڻايو ويو، ائين ئي سرينگر جي گهٽين کي ڀارت جو قبرستان ٺاهي ڇڏينداسين.

حيدرآباد ۾ ڪشمير بچايو مارچ کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته والاريل وادي ۾ ڪرفيو کي 70 ڏينهن گذري ويا آهن، حڪومت ڪا حڪمت عملي تيار ناهي ڪئي، ستر ڏينهن ۾ سرينگر اجتماعي قبر بڻجي چڪو آهي، 80 لک ماڻهن لاءِ ساهه کڻڻ به ڏکيو آهي، کاڌي پيتي ۽ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، عورتون پنهنجي عزيزن جا لاش کڻي رهيون آهن، ڪشميري رڳو پاڪستان لاءِ ظلم ۽ ستم برداشت ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسان جا حڪمران معيشت بچائڻ ۾ لڳا پيا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا: فلسطينن ۽ ڪشميرين جو قاتل آمريڪا ئي آهي: سراج الحق

هن چيو ته ڪشميري عوام 72 ورهين کان جدوجهد ڪري رهيو آهي، جيڪا رڳو آزادي لاءِ آهي، اڄ اسان ڏسي رهيا آهيون ته 7 سالن جو ٻار به سرينگر ۾ دشمن جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ڪشميري عوام سان گڏ رهڻ چاهي ٿو، واضح ڪيان ٿو ته حڪومت گڏيل قومن ڏانهن نه ڏسي، جڏهن ته ٽرمپ ٽياڪڙي نه ڪندو، ٽرمپ جي ٻيڙي آمريڪا ۾ ئي ٻڏي رهي آهي ۽ هو پاڪستاني حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان جي وزيراعظم جي رويي ۽ وزيرن جي بيانن قومي وحدت کي ڪمزور ڪيو، وزيراعظم هڪ ڏينهن به سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ نه ورتو پر ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪري رهيو آهي، حڪومت کي سڀني جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي هڪ گڏيل موقف اختيار ڪرڻ گهرجي ها، اسان حڪومت کي چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان کي بچائڻو آهي ته ان جي حفاظت جي ويڙهه سرينگر ۾ وڙهڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.