يزيد جيان ڀارت ۽ ظالم مودي به عبرت جو نشان بڻجندا…!

سيالڪوٽ(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته اُهو ڏينهن پري انهي جڏهن يزيرد جيان ڀارت ۽ ظالم مودي به عبرت جو نشانو بڻجندا ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو.

سڌُ سماءَ ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته قاتل مودي جي غاصب فوج جي بدترين محاصري ۽ ڪرفيو جي باوجود ٻاهر نڪري ڪشميرين حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ جي سنت کي جيئرو ڪيو. حسينيت جي علمبردارن ڀارتي جبر کي للڪاري ۽ حق ۽ سچ تي ڄمي رهڻ واري اڻ ٽٽ متزلزل عزم کي اظهار ڪيو. حضرت امام حسين رضه جو نالو کڻندڙن تي ڀاتي فوج جو حملو اڄ  ڪربلا معاملي جو هڪ تسلسل آهي. اِهو حملو ڀارتي رياست دهشتگردي جو بدترين مثال آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:اختيارن جو غلط استعمال ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو: فردوس عاشق اعواڻ

خاص مددگار چيو ته يزيد ج پيروڪار فسطائي مودي مظلوم ڪشميرين جي بنيادي ائين، جمهوري ۽ غصب ڪري انهن جي مذهبي ازادي به سلب ڪري ورتي. معصوم ڪشميري عزادارن تي ظلمن ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪيون ٿا. اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن يزيد جيان ڀارت ۽ ظالم مودي به عبرت جو نشانو بڻجندا ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو.

 


ياد رهي ته ان کان اڳ وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو هو ته ايل اين جي ڪيس ۾ گهوٻين جي الزام تي نيب شاهد خاقان عباسي کان پڇاڳاڇا ڪري رهيو آهي.
سُڌ سماءُ بابت خاص مددگار فردوس عاشق چيو هو اختيارن يا طاقت جي غلط استعمال ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.